نئون دمبالو ( ن پ ا ) نئون دمبالو ويجهو ڳوٺ حاجي دودو گشڪوري مان15  ورهينجو نينگر گم ٿي ويو آهي، جنهن جا وارث سخت پريشان آهن. پيرسن ڪرشن ڪولهي صحافين کي روئيندي ٻڌايو ته منهنجو 15 ورهين جو پٽ هيرو لعل گذريل ڏينهن گهران ٻاهر نڪتو جيڪو اڃا تائين واپس نه آيو آھي اسان  جي ڪنهن سان ڪابه دشمني نه آھي مون دمبالو پوليس پوسٽ تي پڻ اهڙو گمشدگي جو اطلاع ڏنو آھي پر اڃا تائين ڪابه خبر نه پئي آھي ھن چيو ته آئون وس وارن آعلي عملدارن کي مطالبو ٿو ڪريان ته منھنجي پٽ کي ڳولڻ ۾ مدد ڪئي وڃي.