ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ لائنز ايريا ري سيٽلمينٽ پراجيڪٽ جي متاثر کي ڏنل ايراضي جي قانوني پوزيشن ۽ پلاٽ نمبر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪالهه ٻڌڻي دوران لائينز ايريا جي پي ڊي عدالت کي ٻڌايو ته متاثر فيملي کي متبادل ايراضي ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته متاثر فيملي کي الاٽ ٿيندڙ پلاٽ جو نمبر ٻڌايو، جڏهن ته ايراضي جي قانوني پوزيشن بابت پڻ آگاهي ڏيو،  عدالت چيو ته ائين نه ٿئي جو اوهان سرڪاري ايراضي يا ڪنهن ٻئي جو گهر الاٽ ڪري ڇڏيو، بعد ۾ معاملو عدالت ۾ موڪلي پاڻ نڪري وڃو، انهي ڪري پهريان پلاٽ نمبر ۽ ايراضي جي قانوني حيثيت بابت آگاهي ڏيو