دولتپورصفن (ن پ ا) دولتپور صفن ويجهو گچيرو جي ڳوٺ حاجي سليمان ٻگهيو جي رهواسي ٻن ڀينرن نذيران ٻگهيو ۽ شھناز ٻگهيو معصوم ٻارڙن سميت پنهنجي ڀاءُ الياس ٻگهيو خلاف احتجاج ڪندي دانھيندي الزام ھڻندي چيو آهي ته ڀاءُ الياس ٻگهيو والدين جي وفات بعد 27 ايڪڙ زرعي زمين پنهنجي قبضي ھيٺ رکيو ويٺو آھي. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ملڪيت ڏياري تحفظ ۽ انصاف مهيا ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.