قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد لڳ قومي شاھراهه تي ٽرالر جو ڊاٽسن کي ٽڪر، جنهن جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو غلام مرتضيٰ سولنگي زخمي ٿي پيو، جنهن کي قاضي احمد اسپتال پھچايو ويو، کيس فوري طبي امداد ڏيڻ بعد کيس نازڪ حالت ۾ پي ايم يو اسپتال نواب شاهه موڪليو ويو.