آنڌرا پرديش(انٽرسٽنگ نيوز) ڀارتي رياست آنڌرا پرديش ۾ هڪ خاندان پنهنجي ناٺي لاءِ دعوت ۾ 3 سئو کان وڌيڪ ڊشز ٺاهي خبرن جي سرخين ۾ اچي ويو. ديسي ڪلچر ۾ ناٺي کي ڀليڪار ڪرڻ معمولي ڳالهه آهي دعوت ۾ ناٺي جي پسند جا طعام ٺاهڻ به عام ڳالهه آهي پر ڌيءُ جي مڙس جي اچڻ تي سوين طعام ٺاهڻ يقينن غير معمولي ڳالهه آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽڻ موجب آنڌرا پرديش جي هڪ خاندان گهر ۾ دعوت جو اهتمام ڪيو ۽ ناٺي لاءِ 379 قسمن جا ملڪي ۽ غير ملڪي طعام ٺاهيا. رپورٽن موجب ڄاڻايل خاندان هڪ هفتو اڳ طعام ٺاهڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي هئي ۽ اها تياري دعوت کان هڪ ڏينهن اڳ تائين جاري رهي. ڌيءُ ڪوسوما ٽائمز آف انڊيا کي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته منهنجي والدين انهن طعامن بابت ڏهه ڏينهن اڳ سوچي ڇڏيو هو، هن جو ارادو هو ته ڪجهه منفرد ڪيو وڃي ۽ هر طرح جا طعام پيش ڪيا وڃن. ڪوسوما ٻڌايو ته منهنجي مڙس اڳيان اها طعام رکيا ويا ته اها هنن کي ڏسي صدمي جي ڪيفيت ۾ هليو ويو.