دادو ۾ جلسي دوران راشد محمود سومرو کان سوال ڪندڙ پوليس اهلڪار معطل، لاڪ اپ حوالي

0
438

دادو(رپورٽر) دادو ۾ جلسي دوران جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو کان سوال ڪندڙ پوليس اهلڪار معطل ٿي ويو

 سوال ڪندڙ اهلڪار منظور پنهور کي حراست ۾ وٺي ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪيو ويو، پوليس اهلڪار منظور جي يو آءِ اڳواڻ کان سوال ڪيو ته سڀاڻي پ پ سان اتحاد ته نه ڪندئو؟ توهان اڳ به پ پ جا اتحادي رهيا آهيو، توهان جي حڪومت ۾ پيٽرول ۽ ٻيون شيون مهانگيون ٿيون

 راشد محمود سومرو ڪارڪنن کي پوليس اهلڪار کي پَٽ تي ويهارڻ لاءِ چيو، راشد محمود سومرو چيو ته ايس ايس پي ۽ آءِ جي کان پڇان ٿو ته توهان جي اهلڪار کي منهنجو جلسو ڦٽائڻ لاءِ ڪنهن موڪليو آهي