دادو ( رپورٽر ) تعليم کاتي دادو جي اڳوڻي ايس ڊي او محمد يعقوب پنهور جي بيواھ شمشاد ڪوريجو ڏيرن خلاف پريس ڪلب پهچي سخت احتجاج ڪندي داهيو آهي ته مڙس جي پينشن جو حق وٺڻ تي ڏيرن منهنجي ڀائرن عبدالحنان ، عبدالفتاح ۽ ڀائٽي بلاول ڪوريجو خلاف خدآباد ٿاڻي تي ڌاڙي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي گرفتار ڪرايو آهي، مڙس جون ٻه شاديون هيون پر اولاد نه ٿيو، ڏير غلام حسين پنهور جعل سازي ذريعي پنهنجي ڌيء کي منهنجي مڙس محمد يعقوب جي ڌيء ڏيکاري پينشن کڻي رهيو آهي، مان ٽريزري آفيس ۾ درخواست ڏئي پينشن الڳ ڪرائڻ تي ڏيرن مڇرجي منهنجي ڀائرن ۽ ڀائٽي کي گرفتار ڪرايو آهي ، بيواھ شمشاد ڪوريجو آء جي سنڌ پوليس ۽ ٻين اختيارين کي هٿ ٻڌي اپيل ڪئي ته اڻڌري جاچ ڪرائي سندس گرفتار ڪيل ڀائرن ۽ ڀائٽي کي آزاد ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.