ٺري ميرواھ (رپورٽ: عابد حسين شر) خانواھ کي ڪٽ لڳائڻ سبب 70 کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ بيٺل پاڻي 2 مهينا گذرڻ باوجود نيڪال نه ٿي سگهيو، سوين برسات متاثرن جو سوئي گئس ۾ مهراڻ هاءِ وي بلاڪ ڪري 5 ڪلاڪ ڌرڻو، سوين گاڏيون بيهجي ويون. تفصيل موجب برساتن ۽ خان واھ کي ڪٽ لڳائڻ سبب ٺري- ميهر ويسر روڊ، باگو ڍورو، فقير آباد، سونو خان ڪٻر، فضل آباد، محمد سليمان جلباڻي، موسيٰ ڪُٻر، مبارڪ ويسر، مريد چنا سميت 70 کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ 8 کان 10 فٽن تائين بيٺل پاڻي ٻن مهينن کان پوءِ به نيڪال نه ٿيڻ خلاف سوين ڳوٺاڻا رستن تي نڪري آيا. مظاهرين سوئي گئس ۾ ايندڙ ويندڙ رستا بند  ڪري ڌرڻو هڻي پنج ڪلاڪن تائين مهراڻ هاءِ وي بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ايندڙ ويندڙ گاڏين جون قطارون لڳي ويون. مظاهرين ڊاڪٽر نعيم احمد ڪٻر، جاويد ويسر، فياض ويسر، مشتاق شر ۽ ٻين ميڊيا نمائندن کي ٻڌايو ته سنڌ سرڪار جي نااهلي سبب ٻن مهينن کان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب ٺري- سوئي گئس روڊ سميت  70 کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ 8 کان 10 فٽ پاڻي بيٺل آهي، گهر ڊھي پٽ ٿي ويا آھن. هزارين خاندان دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. هر قسم جو وهنوار معطل آهي. ان جي باوجود انتظاميا پاڻي نيڪالي لاءِ ڪو به تحرڪ نه پئي وٺي. هنن اعليٰ عدليه ۽ لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ته خدارا معاملي جو نوٽيس وٺي ڳوٺن مان فوري طور پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.