سکر (بيورو رپورٽ) خانپور شڪارپور واسي نينگر سکر مان پراسرار نموني گم، وارث پريشان. اِن ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب شڪارپور جي خانپور واري علائقي سان تعلق رکندڙ 14 ورھين جو نينگر شارق سومرو سکر وارِي تڙ روڊ مائٽن وٽ گھمڻ لاءِ آيل هو، جتان پراسرار نموني گم ٿي ويو آھي. گھڻي ڳولا باوجود نينگر جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگھيو. حد جي پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو آھي ته پراسرار نموني گم ٿي ويل نينگر جي وارثن اطلاع ڏنو آھي. نينگر جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف نينگر جي وارثن ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته نينگر جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.