دادو مان اغوا ڄاڻايل خانگي اسڪول جي ماسترياڻي بازياب ٿي گهر پهچي وئي

0
245
دادو مان اغوا ڄاڻايل خانگي

دادو (رپورٽر) دادو مان اغوا ڄاڻايل خانگي اسڪول جي ماسترياڻي بازياب ٿي گهر پهچي وئي، پيارو ڳوٺ مان 2مهينا اڳ اغوا ڄاڻايل خانگي اسڪول جي ماسترياڻي بازياب ٿي گهر پهچي وئي

ھٿياربندن وٽان وجھ وٺي گھر پھتل ناري انمول سمون جو چوڻ ھو تھ رڪڻ ٿاڻي جي وڏي منشي پٺاڻ چانڊيو  جي پٽن ۽ ڀائيٽن هٿيارن جي زور تي اغوا ڪيو هو

انمول سمون موجب اسد، ڪامران، علي رضا ۽ ربنواز  چانڊيو مختلف هنڌن تي رکي تشدد جو  نشانو بڻائيندا رهيا، جوابدارن زبردستي نڪاح نامي تي  صحيحون ورتيون هيون

وجهه وٺي مائٽن وٽ پهچي آهيان،  حياتي کي خطرو آهي، جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي، ان موقعي تي ناري جي امڙ روئيندي چيو تھ نياڻي گھر پھتي آھي، جوابدارن مان خطرو آھي، انصاف ڪيو وڃي

ھي به پڙھندا

ايس ايڇ او ڦليلي سان ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ڪئي، رشوت گهرڻ واري آڊيو ڪوڙي آهي: نسيم پنهور  جو وڊيو بيان