شهباز گِل جو بيان طئي ٿيل هو، ثبوت مليا ته عمران خان کي به گرفتار ڪنداسين:راڻا ثناءُ الله

0
452

ڪراچي: وفاقي گھرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آھي ته عمران خان جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي، ثبوت مليا ته کيس به گرفتار ڪبو

جاري بيان ۾ وفاقي گھرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته شهباز گِل جو بيان طئي ٿيل هو، ثبوت مليا ته عمران خان کي به گرفتار ڪنداسين

گھرو وزير موجب عمران خان چوي ٿو ته گرفتاري کان اڳ صفائي پيش ڪرڻ جو موقعو ڏيو، مون مٿان 15 ڪلو هيروئن لڳايو ويو، ڇا اُن وقت مونکي صفائي جو موقعو ڏنو ويو هو؟

شهباز گِل مٿان ڪيس داخل ڪري بعد ۾ گرفتار ڪيو ويو، 24 ڪلاڪن اندر عدالت ۾ پيش به ڪيو ويو