ايس ايڇ او ڦليلي سان ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ڪئي، رشوت گهرڻ واري آڊيو ڪوڙي آهي: نسيم پنهور  جو وڊيو بيان

0
353

حيدرآباد: ايس ايڇ او ڦليلي پاران مبينا رشوت گهرڻ واري آڊيو ليڪ ٿيڻ واري معاملي ۾ نئون موڙ اچي ويو آھي،  ايس ايس پي مبينا رشوت  گهرڻ واري معاملي تي ايس ايڇ او  ڦليلي کي ٿاڻي تان هٽائي ڇڏيو آھي

ايس ايس پي امجد احمد شيخ  جاچ مڪمل ٿيڻ تائين ايس ايڇ او نثار  احمد شاهه کي ٿاڻي تان هٽائي ڇڏيو، ايس ايڇ او ڦليلي جي ڪوٽڙي  واسي شخص جي گهروارن کان مبينا  رشوت گهرڻ واري آڊيو ليڪ ٿي هئي

گذريل ڏينهن متاثر عورت  جي وڊيو سامهون آئي جنهن ۾ هن آڊيو  کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو هو، ناري نسيم پنھور موجب مون ايس ايڇ او ڦليلي سان ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ڪئي، رشوت گهرڻ  واري آڊيو ڪوڙي آهي

نسيم پنھور موجب مڙس رابطو ڪيو آهي هڪ ٻن ڏينهن  ۾گهر اچي ويندو، غريب آهيان ايترا پئسا  ناهن جو پوليس کي ڏيان