خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ پورهيت جي پٽ کي نوڪريءَ جو جعلي آرڊر ڏئي لکين رپين جو فراڊ، ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار آڊيو هٿ ڪري ورتي. خبر موجب روينيو ملازم اسرار حسين هڪڙو خيرپور جي نئين ڳوٺ واسي نوجوان شهباز پٽ شمشاد ملڪ کي روينيو کاتي ۾ جونيئر ڪلارڪ جو جعلي آرڊر 5 لک رپيا روڪ رقم ۽ 9 لک رپيا ماليت جي ڪوري ڪار ورتي. ان سلسلي ۾ جعلي آرڊر ڏيندڙ اسرار هڪڙو ۽ شهباز ملڪ وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي آڊيو پنهنجي اخبار هٿ ڪري ورتي آهي جنهن ۾ شهباز ملڪ آرڊر جعلي ثابت ٿيڻ تي اسرار هڪڙو کان ڏنل پئسا ۽ ڪار واپس ڪرڻ جي گهر ڪري رهيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته شهباز ملڪ درزيءَ جو پٽ آهي جنهن نوڪريءَ جي آرڊر عيوض هڙان وڙان ڪري اسرار هڪڙو کي 5 لک رپيا روڪ ۽ ڪوري ڪار وٺي ڏني. هوڏانهن ذريعن ٻڌايو آهي ته اسرار هڪڙو هن کان اڳ به ماڻهن کي جعلي آرڊر ڏئي لکين رپين جا فراڊ ڪري چڪو آهي.