وارث ڏنو ماڇي  (ن پ ا) وارث ڏنو ماڇي جي مختلف اسڪولن جا  چيف مانيٽرنگ آفيسر لاڙڪاڻو پاران ٽي اي  او رتوديرو سان گڏجي دورا،  ڪيترائي استاد غير حاضر، ان ڏس ۾ چيف مانيٽرنگ آفيسر ضلعي لاڙڪاڻو ياسر علي سولنگي پاران  ٽي اي  او رتوديرو عبدالرشيد چانڊيو سان گڏجي يونين ڪانونسل وارث ڏنو ماڇي ۽ وڏا ٻوسڻ جي مختلف اسڪولن پرائمري اسڪول سميجها، پرائمري اسڪول علڻ ابڙو، پرائمري اسڪول مراد انصاري، پرائمري اسڪول بصرالدين کوسو، پرائمري اسڪول ڪمال چانڊيو، پرائمري اسڪول يارمحمد عارباڻي، پرائمري اسڪول خاوند بخش بوزدار سميت ٻين اسڪولن جا دورا ڪيا،  پرائمري اسڪول سمجها ۾ استاد عبدالرزاق ابڙو، پرائمري بصرالدين کوسو ۾ استاد زوهيب ابڙو، پرائمري اسڪول مراد انصاري ۾ استاد شوڪت ابڙو، پرائمري اسڪول علڻ ابڙو۾ استاد زاهد ابڙو   غير حاضر هئا، جڏهن ته پرائمري اسڪول يار محمد عارباڻي ۾ استاد بدرالدين ۽ پرائمري اسڪول خاوند بخش بوزدار ۾ استاد طاهر ابڙو به غير حاضر هئا، جڏهن ته پرائمري اسڪول ڪمال چانڊيو ۾ استادن بدران ڏهاڙي تي مقرر ڪيل همراهه ٻارڙن کي پڙهائي رهيو هو، جنهن کي چيف مانيٽرنگ آفيسر ياسر سولنگي طرفان همراهه کي جبري رٽائر ڪيو ويو، ان موقعي تي چيف مانيٽرنگ آفيسر  چيو ته  گوسڙو ماسترن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو، رپورٽ اعليٰ اختيارين کي اماڻينداسين.