سٺ ميل (ن پ ا) سٺ ميل ۾ پوليس جي ھوٽلن تي چڙهائي، ويٺلن جي تلاشي، ماڻهن ۾ ڀاڄ، رپورٽ موجب پوليس جي وڏي نفري شهر جي هوٽلن تي چڙهائي ڪري ڪاهي پئي، جنهن دوران هوٽل تي ويٺل ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ اک ڇنڀ ۾ هوٽل خالي ٿي ويا، پوليس ھوٽلن جي تلاشي وٺڻ بعد خالي هٿين واپس موٽي وئي، رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او سٺ ميل ٻڌايو ته ڏوهارين جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع تي ڪاورائي ڪئي، وڌيڪ نٿا ٻڌائي سگهون، هوٽل مالڪن چيو ته پوليس بنا جواز هوٽلن تي چڙهائي ڪري اسان جي روزي خراب ڪئي آهي، چڙهائي دوران هوٽل تي ويٺل ماڻهو چانهه ۽ ماني جا پئسا ڏيڻ بنا ڀڄي هليا ويا، نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.