لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي رحمت پور ٿاڻي جي حد رحمت پور واري ۾ نامعلوم چورن ٽائيم نيوز جي ڪئميرامين نويد سومرو جي وڏي ڀاءُ نياز سومرو جي گهر جا تالا ٽوڙي گهر ۾ گهڙي هڪ لک رپيا روڪ رقم، ايل سي ڊي، بئٽري سميت ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا اطلاع تي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل وٺي رواني ٿي وئي. ان حوالي سان نياز سومرو ٻڌايو ته آءُ گهر ڀاتين سان گڏجي مائٽن جي شادي تي ويل هيس ته پويان نامعلوم چورن گهر ۾ گهڙي هڪ لک روپيا روڪ رقم، ايل سي ڊي، بيٽري ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا آهن.