گجرانوالا (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته پنهنجي مرضي سان منزل تي پهچنداسين، هر هر تاريخون ڏينداسين ۽ تبديل ڪنداسين، هنن کي ٿڪائي مارينداسين. گجرانوالا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ مظاهرن کان وڏا مظاهرا لنڊن ۾ ٿي رهيا آهن، هي تحريڪ انصاف احتساب ۽ ملڪ جو نظام درست ڪرڻ جي تحريڪ آهي. هن جو چوڻ هو ته گجرانوالا ۾ عمران خان خلاف بينرز لڳائڻ تي خرم دستگير کي گرفتار ڪيو وڃي، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسان جي سيٽن تي استعيفائون قبول ڪري ۽ اليڪشن ڪرائي، ايندڙ 120 سيٽن تي به اميدوار عمران خان ئي هوندو، مريم نواز تي هاڻ پابندي ناهي هو اليڪشن وڙهي، کيس پنهنجي مقبوليت جي خبر پئجي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ فواد چوڌري جو چوڻ هو ته پوليس اهلڪار ئي اسان جي حقيقي مارچ جو هر اول دستو آهي، اسان ڪهڙي ڏينهن اسلام آباد پهچنداسين اهو فيصلو اسان کي ڪرڻو آهي شريف ڪٽنب پنهنجا پئسا لڪائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن، جڏهن ته راڻا ثناءُ الله ۽ مريم اورنگزيب کي مارچ آهستي ٿيڻ تي تڪليف آهي پر اسان پنهنجي مرضي تي منزل تي پهچنداسين. پي ٽي آءِ اڳواڻ جو چوڻ هو ته 37 تڪن تي اليڪشن ٿي آهي ان مان 29 تي پي ٽي آءِ جي سوڀ ٿي، شهباز شريف ۽ فضل الرحمان سوڌو جنهن کي شوق آهي چونڊون وڙهن مقبوليت جي خبر پئجي ويندي.