اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف 28 آڪٽوبر تي لاهورکان شروع ٿيل حقيقي آزادي مارچ جي اسلام آباد پهچڻ جي تاريخ تبديل ڪري ڇڏي، تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ 10 نومبر تي راولپنڊي ۽ 11 نومبر تي اسلام آباد پهچڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل اسد عمر چيو آھي ته  تحريڪ انصاف حقيقي آزادي مارچ لاءِ نئين شيڊيول تحت سڄي ملڪ مان قافلن جي اچڻ جون تاريخون طئه ڪري ڇڏيون آهن، نئين شيڊول مطابق انشاءَ الله ڪپتان 10 نومبر تي راولپنڊي پهچندو، سڄي ملڪ مان قافلا 11 نومبر تي اسلام آباد پهچندا ياد رهي ته تحريڪ انصاف ان کان اڳ لانگ مارچ سان گڏ 4 نومبر تي اسلام آباد پهچڻ جو اعلان ڪيو هيو.