اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسپيڪر قومي اسيمبلي راجه پرويز اشرف اڳوڻي صدر ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر آصف علي زرداري جي  نااهلي لاءِ داخل ريفرنس کي رد ڪري ڇڏيو، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي پڌرائي موجب  قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف داخل نااهلي جي سوال وارو ريفرنس رد ڪري ڇڏيو، اهو ريفرنس پي ٽي آءِ اڳواڻ سيد ذوالفقار عباس بخاري عرف زلفي بخاري طرفان قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرايو ويو هو،  جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي مليو هو، ريفرنس ۾ آصف علي زداري کي آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 تحت قومي اسيمبلي جي ميمبر طور نااهل ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي هئي، ريفرنس ۾ نااهلي جي ريفرنس جو سوال اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي موڪلڻ جي به استدعا ڪئي وئي هئي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر آئين جي آرٽيڪل 63 جي شق 2 تحت ريفرنس رد ڪندي فيصلي جي ڪاپي اليڪشن ڪميشن کي موڪلي ڇڏي آهي.