اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت ڪامورا شاهي ۾ وڏي سطح تي تبديليون ڪندي ڊي جي ايف آءِ اي  راءِ طاهر کي پنهنجي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي. وفاقي ڪابينا پاران ڊي جي ايف آءِ اي جي عهدي تي محسن بٽ کي مقرر ڪرڻ لاءِ نوٽيفيڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. محسن بٽ پوليس سروس جو گريڊ 22 جو آفيسر آهي، ڊي جي ايف آءِ اي جي عهدي تي مقرر ٿيڻ کان اڳ هو، آءِ جي بلوچستان سميت پوليس سروسز جي وڏن عهدن تي خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي، ذريعن موجب راءِ طاهر کي انسدادِ دهشتگردي جو نيشنل ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪيو ويو آهي.