لاهور (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ ان جي ڪابينا کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ تحريڪ انصاف لاهور هاءِ  ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو. درخواست تحريڪ انصاف اڳواڻ عندليب عباس ۽ حسان نيازي داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ وفاقي حڪومت، وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري ۽ اليڪشن ڪميشن سميت ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف خلاف مني لانڊرنگ جا ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن، جڏهن ته شهباز شريف ۽ ان جي ڪابينا لنڊن دوري دوران اشتهاري جوابدارن سان ملاقات ڪئي. درخواست موجب شهباز شريف ترڪي جي سرڪاري دوري دوران اشتهاري سلمان شهباز کي شامل ڪيو، سلمان شهباز ۽ ان جي گهرواري کي سرڪاري دورو ڪرائڻ قانون جي ڀڃڪڙي آهي، وزيراعظم اختيارن جو غلط استعمال ڪري آئين جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. تحريڪ انصاف اپيل ڪئي آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ شهباز شريف ۽ ان جي ڪابينا کي عهدن تان هٽائڻ سميت نگران وزيراعظم مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي.