ٽيسٽ رينڪنگ جاري، بابراعظم ٽنهي فارميٽس ۾ ٽاپ 3 تي ايندڙ دنيا جو پهريون بيٽر بڻجي ويو

0
732

ٽيسٽ رينڪنگ جاري

دبئي (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي نئين رينڪنگ جاري ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ بابراعظم ٽنهي فارميٽ ۾ ٽاپ ٿري تي ايندڙ دنيا جو واحد بيٽر بڻجي ويو آهي

آءِ سي سي موجب انگلينڊ جو  جوروٽ ٽيسٽ رينڪنگ ۾ پهرين نمبر تي برقرار آهي، جڏهن ته آسٽريليا جو مارنس لبوشين ٻئي نمبر تي موجود آهي

بابراعظم هڪ درجو ترقيءَ سان ٽئين نمبر تي اچي ويو. ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ بابراعظم پهرين نمبر تي موجود آهي، اهڙي طرح قومي ٽيم جو ڪپتان هاڻي ٽنهي فارميٽ ۾ ٽاپ ٿري تي موجود آهي ۽ اهو دنيا جو واحد بيٽر آهي جيڪو ڪرڪيٽ جي ٽنهي فارميٽ ۾ ٽاپ ٿري تي آيو آهي

آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ موجب پاڪستان جو عبدالله شفيق 23 درجا ترقي سان 16 هين نمبر تي اچي ويو آهي. بولرز جي ٽيسٽ رينڪنگ ۾ آسٽريليا جو پيٽ ڪمنز پهرين، ڀارت جو ايشون ٻئي نمبر تي آهي جڏهن ته پاڪستان جو شاهين آفريدي هڪ درجو ترقي سان چوٿين نمبر مان ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي

ٽيسٽ آل رائونڊرن ۾ ڀارت جو رويندرا جديجا جو پهريون نمبر آهي جڏهن ته ايشون ٻئي ۽ بنگلاديش جو شڪيب الحسن ٽئين نمبر تي آهي