اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) ۽ اتحادي جماعتن پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ واري معاملي تي سُپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ جو بائڪاٽ ڪندي چيو آهي ته فل ڪورٽ جو مطالبو تسليم نه ڪرڻ انصاف جي گهرجن جي ابتڙ آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اتحادي پارٽين جي اڳواڻن جو اهم اجلاس لاهور ۾ ٿيو، جنهن ۾ نواز ليگ جي قائد نواز شريف به وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيو. وڊيو لنڪ ذريعي ٿيل اهم اجلاس ۾ پ پ جو شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، جي يو آءِ اي ۽ حڪومتي اتحاد پي ڊي ايم جو سربراهه مولانا فضل الرحمان، چوڌري سالڪ حسين، مريم نواز ۽ ايم ڪيم ايم جي خالد مقبول صديقي پڻ شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ وزيراعظم جي مدد لاءِ شاهد خاقان عباسي، قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، عطا الله تارڙ، ملڪ احمد خان ۽ اٽارني جنرل سميت ٻيا اڳواڻ شامل هئا. اهم اجلاس ۾ مُلڪ جي موجوده سياسي ۽ آئيني صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ان کانسواءِ سُپريم ڪورٽ ۾ پيدا ٿيل صورتحال ۽ ٻن صوبن ۾ چونڊن بابت مشاورت پڻ ڪئي وئي. حڪومتي اتحادي جماعتن جي اجلاس بعد سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن اليڪشن ٿيڻ گهرجن، هي غيرجانبداراڻي، شفاف ۽ آزاد چونڊن جي بنيادي ضروري گهرج آهي، هڪ ڏينهن اليڪشن جي مخالفت ملڪ کي تباهه ڪندڙ سياسي بحران ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو، اها صورتحال ملڪ جي معاشي مفادن تي آپگهاتي حملي جي برابر هوندي.  اجلاس ۾ حڪومت ۽ اتحادي جماعتن سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ تي عدم اعتماد جو اظهار به ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته 4 رڪني اڪثريتي فيصلي کي مڃيندي موجوده عدلتي ڪارروائي ختم ڪئي وڃي. حڪومتي اتحادي جماعتن پڌرنامي ۾ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس اقليتي فيصلي کي اڪثريت جي فيصلي تي مڙهڻ چاهي ٿو، جسٽس فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ بينچ 184 ٿري جا سمورا ڪيس روڪڻ جو حڪم ڏنو آهي، تڪراري عدالتي فيصلن سان ناقابل عمل ۽ پيچيده صورتحال پيده ٿي چڪي آهي. پڌرائي موجب جسٽس اعجاز الاحسن ته اڳ ئي رضاڪاراڻي طور تي بينچ کان ڌار ٿي چڪو هو، چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جي بينچ مان اٿندڙ اختلافي آوازن کي ٻڌي، چيف جسٽس فوري طور فل ڪورٽ اجلاس منعقد ڪري ون مين شو جو تاثر ختم ڪري، 3 رڪني بينچ جي فيصلي ذريعي آئين کي ٻيهر لکيو ويو، اعليٰ ترين عدالت جي سوچ ۾ تقسيم واضح نظر اچي رهي آهي، اعليٰ عدليا کي تڪراري سياسي فيصلو جاري ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. اجلاس جي پڌرائي ۾ چيو ويو ته تحريڪ انصاف جي معاملي تي خاص امتيازي رويو اپنائڻ جو تاثر ختم ڪيو وڃي، سياستدانن کي گڏجي ويهي فيصلا ڪرڻ جي هدايت ڪندڙ پاڻ ورهايل آهن، انهن کي پاڻ ۾ به اتحاد ۽ اتفاق پيدا ڪرڻ گهرجي، قانونسازي سان انصاف جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون دور ڪيون ويون آهن، اميد آهي ته صدر ان قانونسازي جي راهه ۾ رڪاوٽ نه بڻجندو. پڌرائي موجب اقليتي فيصلو مڙهڻ جو طرز عمل آئين ۽ قانون سان بغاوت جو واضح مثال آهي، هي طرز عمل رياست جي اختيارن کي ورهائڻ جي بنيادي تصور جي به کُلي ڀڃڪڙي آهي، هڪ جماعت جي دٻاءَ تي سياسي ۽ آئيني بحران پيدا ڪرڻ جي سازش قبول نه ڪئي ويندي، بدقسمتي سان هڪ انتظامي معاملي کي سياسي ۽ آئيني بحران بڻايو ويو آهي، خاص مقصد ۽ جماعت کي رليف ڏيڻ جي تڪڙ سياسي ايجنڊا ڏيکاريندي آهي، سپريم ڪورٽ کي اليڪشن ڪميشن جي اختيار ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي. پي ڊي ايم اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي، اجلاس دوران وزيراعظم شهبازشريف ٻن صوبن ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ تي سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بنيچ جي ٻڌڻي واري معاملي تي حڪومتي تعاون بابت مشوري لاءِ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان وڊيو لنڪ ذريعي رابطو ڪيو، جنهن دوران نواز شريف سمورين سياسي پارٽين کي سُپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ جي بائيڪاٽ جي تجويز ڏني ۽ چيو ته 3 رڪني بينچ مان انصاف جا ڪا اميد ناهي، ڇاڪاڻ 3 رڪني بينچ ۾ ثاقب نثار سٽيل ماڻهو ويٺل آهن. اجلاس ۾ گفتگو دوران اها تجويز به سامهون آئي ته اثارٽي جنرل عدالت ۾ پيش ٿي 3 رڪني بينچ تي بي اعتمادي جو اظهارڪري، اٽارني جنرل ڪارروائي کان بائڪاٽ بابت عدالت کي آگاهه ڪري، اٽارني جنرل سومر ڏينهن 3 رڪني بينچ جي ڪارروائي جي بائڪاٽ کان سپريم ڪورٽ کي آگاهه ڪندو. ذريعن موجب اجلاس ۾ پي ڊي ايم ۽ اتحادي جماعتن جي سربراهن جي اڪثريت فل ڪورٽ نه جوڙڻ جي صورت ۾ سُپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ جي بائڪاٽ جو مشورو ڏنو، جنهن جي نوازشريف توثيق ڪري ڇڏي. ذريعن موجب اجلاس ۾ قانون واري وزير ۽ اٽارني جنرل اجلاس ۾ اڳواڻن پاران ڪيل بائڪاٽ واري فيصلي جي نقصانن کان به کانئن آگاهه ڪيو، سُپريم ڪورٽ مان هڪ طرفو فيصلو اچڻ جي صورت ۾ سمورين اتحادي پارٽين گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي نوازشريف جو چوڻ هو ته بينچ جي بائڪاٽ کانسواءِ ڪو رستو ناهي، سياسي قيادت جي اڪثريت جي مطالبي باوجود فل بينچ نه جوڙڻ خاص ايجنڊا جي نشاني آهي.

اسلام آباد (م ڊ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ڪجهه جج عمران خان کي رليف ڏيڻ چاهين ٿا. حڪومتي اتحادين جي اهم اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان کي هن عدالت تي ڪو اعتماد ناهي، اخلاقي طور چيف جسٽس ۽ ٻين ٻن ججن کي هن ڪيس کان ڌار ٿيڻ گهرجي.مولانا فضل الرحمان چيو ته عمران خان ادارا ورهائڻ چاهي ٿو، ڌانڌلي جا 2 وڏا ڏوهي آزاد گهمي ڦري رهيا آهن، انهن خلاف پاڻمرادو نوٽيس نه پيو ورتو وڃي. هن چيو ته پي ڊي ايم کي ٽن ججن تي ٻڌل بينچ تي اعتماد ناهي، ان بينچ ۾ هڪ جج اهڙو به آهي، جنهن اڳ ۾ ٻڌڻي کان معذرت ڪئي، پوءِ واپس اچي ويهي رهيو، اسان جي نظر ۾ اها بينچ واضح طور تي ڌر جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. فضل الرحمان چيو ته ملڪ کي هڪ رکڻ لاءِ هڪ ئي وقت چونڊون ضروري آهن، چيف جسٽس اسان کي نصيحت ڪري رهيو آهي ته گڏجي ويهو پر هن پاڻ پنهنجي ڪورٽ کي ورهائي ڇڏيو آهي.