اسلام آباد/لاهور (بيورو رپورٽ + م ڊ) پي ٽي آءِ پاران چونڊن ۽ عدليه بچايو مهم تحت بابت سياسي جماعتن سان رابطن جو فيصلو، عمران خان پارٽي اڳواڻن کي ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو، ڪالهه اڳواڻن ملاقاتن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو، تحريڪ انصاف جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري اسد عمر ۽ سينيٽر اعجاز چوڌري جماعت اسلامي جي مرڪز پهچي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق سان ملاقات ڪئي، ٻنهي پارٽين پاران رابطن جو سلسلو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته موجوده سياسي بحران مان نڪرڻ جو رستو آئين ۽ جمهوري نظام آهي. اسد عمر چيو ته  90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو آئيني حڪم پي ڊي ايم جي لاءِ سياسي موت جو پروانو آهي، سڄي واويلا ان ڪري ڪئي پئي وڃي ته سپريم ڪورٽ آئين سان گڏ بيهڻ جي بدران انهن جي لاءِ چونڊن کان فرار جو ڪوئي غير آئيني رستو ڪڍي، تڏهن ئي اهي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو قبول نه ڪندا، نواز ليگ آئين سان بغاوت جي ڌمڪي ڏئي رهي آهي، هن چيو ته  سپريم ڪورٽ جي رولز جي مطابق ان نوعيت جو ڪيس 2 رڪني بينچ به ٻڌي سگهي ٿي، هوڏانهن پي ٽي آءِ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي ايم ڊبليو ايم اڳواڻ علامه راجا ناصر عباس سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي، شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ملاقات ۾ آئين جي بالادستي، عدليه جي آزادي ۽ خودمختياري جي تحفظ کي يقيني بنائڻ ۽ پي ڊي ايم پاران ڪيل غير آئيني قدمن جو رستو روڪڻ لاءِ ڳالهيون ٿيون، گذريل رات ڪور ڪاميٽي ۾ عمران خان مون کي ذميواري سونپي ته سياسي جماعتن سان رابطا ڪيان، هن چيو ته آئين تي عملدرآمد چاهيون ٿا، پي ٽي آءِ سدائين آئين جو تحفظ ڪيو آهي، هاڻي به آئين جي دفاع لاءِ وڪيلن ۽ ججز سان گڏ بيٺل آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي ۽ سنڌ جي ٻين پارٽين سان به رابطا ڪيا آهن،  هن چيو ته سپريم ڪورٽ اسان جي پٽيشن تي فيصلو ڪرڻ وڃي رهي آهي، هن چيو ته نواز شريف جو سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي نه مڃڻ جو بيان خطرناڪ آهي، مجلس وحدت المسلمين جي اڳواڻ علامه راجا ناصر عباس چيو ته آئين جي بالادستي سان معاشرو سڃاتو ويندو آهي، سياسي ۽ معاشي بحران بعد هاڻ سيڪيورٽي بحران پيدا ڪرڻ چاهين ٿا. هوڏانهن پي ٽي آءِ جي صدر پرويز الاهي به مختلف پارٽين سان رابطا ڪيا، پرويز الاهي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي، مصطفيٰ ڪمار ۽ وسيم اختر سان رابطا ڪيا، پرويز الاهي ڊاڪٽر طاهر القادري جي پٽ سان به رابطو ڪيو.