اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان مسلم ليگ (ن) مسلم اسٽوڊنٽ فيڊريشن (ايم ايس ايف) جي نئين سر جوڙجڪ شروع ڪري ڇڏي، مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز ايم ايس ايف ۾ نوجوانن کي شموليت جي دعوت ڏئي ڇڏي، مريم نواز شريف ٽوئيٽر تي”ڪيو آر ڪوڊ“ جاري ڪندي چيو ته هن ذريعي نوجوان پنهنجي رجسٽريشن ڪرائي سگهن ٿا.