حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سٽي گيٽ واري علائقي ۾ موٽرسائيڪل سوار اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوائنٽ بس جو قتل ٿي ويو، سيوا جي سڏ تي ملازمن ۽ ڊرائيورن پاران سينٽرل جيل سامهون پراڻي نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو  هڻي 4 ڪلاڪ روڊ بند ڪري ڇڏيو. ڊرائيور 52 ورهين جو غلام علي گن پٽ مٺو گن معمول موجب سٽي گيٽ وٽ پوائنٽ بس بيهاري فٽ پاٿ تي شاگرد ۽ شاگردياڻين جي انتظار ۾ ويٺل هو ته موٽرسائيڪل تي سوار ٻن هٿياربندن فائرنگ ڪري کيس زخمي ڪري فرار ٿي ويا. اڻڄاتل رڪشا ڊرائيور ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کيس سول اسپتال منتقل ڪيو پر هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. ڊرائيور تي حملي واري واقعي بعد سنڌ يونيورسٽي پوائنٽ بسن جي ڊرائيورن سموريون پوائنٽون سينٽرل جيل سامهون بيهاري روڊ بلاڪ ڪيو جنهن بعد سيوا جو صدر محمد علي گهانگهرو ۽ ٻين چيو ته بلديا پوليس لاپرواهي جو مظاهرو ڪيو آهي. فائرنگ واقعي بعد زخمي حالت ۾ ڊرائيور ڪافي دير تائين فٽ پاٿ تي پيل هو پر کيس علاج لاءِ منتقل نه ڪيو ويو. هنن ٻڌايو ته مارجي ويل ڊرائيور جي ڪنهن سان به ڪا دشمني نه آهي ۽ کيس سازش تحت حملو ڪري قتل ڪيو ويو آهي. جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري انجام تي پهچايو وڃي ۽ واقعي جو ڪيس سنڌ يونيورسٽي جي انتظاميا پاران داخل ڪرايو وڃي ڇاڪاڻ ته  مقتول ڊرائيور سنڌ يونيورسٽي جو ملازم آهي. پراڻي نيشنل هاءِ وي بند ٿيڻ بعد اي ايس پي علينه راڄپر، ڊي ايس پي بلديا واحد علي شاهه، مارڪيٽ ۽ بلديا ٿاڻي جا ايس ايڇ اوز پهتا جن جوابدارن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائي روڊ کولرائي ڇڏيو. اي ايس پي علينه راڄپر ”پنهنجي اخبار“ کي ٻڌايو ته واقعو بلديا ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيو آهي. مقتول جي وارثن يا يونيورسٽي جي انتظاميا جو ڪو عملدار ٿاڻي ايندو ته ڪيس داخل ڪنداسين. جوابدارن جو ٽارگيٽ ڊرائيور ئي هو ڇاڪاڻ ته ڊرائيور غلام علي گن پوائنٽ بس ۾ نه پر فٽ پاٿ تي ويٺل هو.  مقتول ڊرائيور غلام علي گن جو تعلق ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ محمد تصديق گن سان آهي پر پوائنٽ بس هلائڻ سبب ڊرائيور ڪافي عرصي کان ڄامشورو ڦاٽڪ جي غريب آباد پاڙي ۾ رهائش پذير هو. سندس وارثن موجب ته مقتول کي 7 ٻارن جو اولاد آهي. سندن ڪنهن سان به ڪا دشمني نه آهي ۽ بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي جنهن ڪري معاملي جي جاچ ڪري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.