حيدرآباد/ڄامشورو (نمائندا) پوائنٽ بس جي ڊرائيور جي لاش جو پوسٽ مارٽم دير سان شروع ڪرڻ تي ملازمن ميڊيڪو ليگل شعبي جي ڊاڪٽرن خلاف احتجاج ڪيو. سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن الزام هنيو ته ٻن ڪلاڪن کان مقتول غلام علي گن جو لاش پيل آهي پر ڊاڪٽر سندس پوسٽ مارٽم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. ڊاڪٽرن موجب ته مقتول جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ لاءِ وارثن کان اجازت وٺڻ لازمي هجي ٿو ان لاءِ جڏهن سندس پٽ احسان گن لاش جي سڃاڻپ ڪري تصديق ڪئي جنهن بعد ان کان پوسٽ مارٽم جي اجازت گهري وئي. ان لاءِ ٿورو ٽائيم لڳو پر ملازمن بنا جواز هل هنگامو ڪيو. مقتول جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ اڄ پڌري ڪئي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مقتول ڊرائيور غلام علي گن کي ساڄي پاسي کان پيٽ ۾ هڪ گولي لڳي جنهن سبب سندس گڙدو متاثر ٿيو هو فوت ٿيو.  هوڏانهن ڊرائيور غلام علي گن جو لاش سول اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جنهن بعد وارثن ۽ يونيورسٽي جي ملازمن لاش سنڌ يونيورسٽي جي ايڊمنسٽريشن بلاڪ آڏو رکي ڌرڻو هنيو. ڌرڻي دوران وارثن ۽ ڊرائيورن مطالبو ڪيو ته سنڌ يونيورسٽي انتظاميا مقتول ڊرائيور جي مالڪي ڪري. وارثن جي احتجاج کانپوءِ وائيس چانسلر مظاهرين سان ڳالهيون ڪري کين هر قسم جي تعاون جي خاطري ڪرائي جنهن بعد لاش وارث پاڻ سان گڏ کڻي ويا.