لاهور(م ڊ) پنجاب جي نگران وڏي وزير جي مقرري جو معاملو اليڪشن ڪميشن حوالي ٿي ويو، پارلياماني ڪاميٽي به معاملو نبيرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي. نگران وڏي وزير لاءِ پارلياماني ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪنهن هڪ نالي تي اتفاق نه ٿي سگهيو. اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي ميمبر راجا بشارت چيو ته پنجاب ۾ نگران وڏي وزير لاءِ ڪاميٽي ۾ اتفاق نه ٿي سگهيو، اسان جا ڏنل نالا اپوزيشن جي نالن کان هر لحاظ کان بهتر آهن هنن پنهنجي نالن تي زور ڀريو ۽ اسان پنهنجي نالن تي زور ڀريو فيصلو ٿيو آهي ته هاڻ اسان جا ۽ هنن جا نالا اليڪشن ڪميشن ۾ ويندا ۽ اليڪشن ڪميشن کي فيصلو ڪرڻو آهي، اميد آهي ته ڪميشن آزاداڻو فيصلو ڪندو. هاشم جوان بخت چيو ته 90 ڏينهن لاءِ سڀ کان اهم ضرورت غيرجانبداري آهي هنن جا نالا اسان جي نالن کان بهتر نه ٿيا ته ايندڙ فورم تي وڃي سگهون ٿا جيڪو عدليا آهي. ن ليگ جي ملڪ احمد خان چيو ته معاملو سياسي طور حل ٿيڻ جو موقعو هو پر حل نه ٿي سگهيو ايترين پولرائزڊ پوزيشنز تي اتفاق نه ٿو ٿي سگهي. پرويز الاهي کي پنهنجي ئي مقرر ڪاميٽي تي اعتراض آهي، اليڪشن ڪميشن وٽ اهي ئي 4 نالا ويندا معاملو آئين تحت حل ٿيندو. هن چيو ته عمران جي سياست تڏهن ٿيندي جڏهن کيس ثاقب نثار ۽ فيض حميد مليل هجن. پ پ جي حسن مرتضيٰ چيو ته بدقسمتي سان اسان جو اتفاق نه ٿي سگهيو اسان سٺين يادن سان نه پيا وڃون، هائوس ننڍو هو ته ماڻهو وڏا هئا هاڻ هائوس وڏو ٿي ويو آهي ته ماڻهو ننڍا ٿي ويا آهن. نگران وڏي وزير لاءِ پي ٽي آءِ احمد نواز سکيرا ۽ نويد اڪرم چيمه ۽ ن ليگ احد چيمه ۽ محسن نقوي جا نالا ڏنا آهن.