حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي سرفراز  ڪالوني واري علائقي ۾ مبينا چوري ڪندي شهرين ٻنهي چورن کي سوگهو ڪرڻ بعد کين تذليل جو نشانو بڻايو. واقعي جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته جامع مسجد سرفراز ڪالوني مان مبينا طور اليڪٽريڪل سامان چوري ڪندي ٻن چورن کي شهرين ڏسي ورتو جن کي سوگهو ڪرڻ بعد سندن مٿا ڪوڙي کين گهٽين ۾ گشت ڪرايو ۽ واقعي جون وڊيوز به ٺاهيون. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيوز ۾ واضح طور نظر اچي ٿو ته ٻنهي نوجوانن جو اڌ اڌ مٿو ڪوڙي سندن تذليل ڪئي وئي آهي. شهرين جو چوڻ آهي ته چوري جي الزام هيٺ سوگهو ڪيل ٻنهي ڄڻن جا مٿا ڪوڙي سندن تذليل وارو عمل غلط آهي. جيڪڏهن ڄاڻايل نوجوان چور هئا ته علائقي واسي کين پوليس حوالي ڪن ها. شهرين سوشل ميڊيا تي ڊي آءِ جي کان مطالبو ڪيو آهي ته هو معاملي جو نوٽيس وٺي ته جيئن مبينا چوري جي الزام ۾ سوگهو ڪيل نوجوانن جي تذليل ڪندڙ گرفتار ٿي سگهن. مارڪيٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او محمد خان برهماڻي جو چوڻ آهي ته انهن به واقعي واريون وڊيوز سوشل ميڊيا تي ڏٺيون هيون جنهن بعد موبائيل ذريعي پوليس اهلڪار اماڻيا هئا پر کين ڪٿان به واقعي جي تصديق ناهي ٿي سگهي. ايس ايڇ او موجب ته ڄاڻايل واقعو ڪينٽ ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيو آهي. هوڏانهن ڪينٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او ملڪ جاويد جو چوڻ آهي ته واقعو مارڪيٽ ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيو آهي. انهن به سوشل ميڊيا تي فٽيج وائرل ٿيڻ بعد معاملي جي جاچ شروع ڪئي هئي ۽ واقعي واري هنڌ وڃي شاهديون به گڏ ڪيون جتان علائقي واسين تصديق ڪندي ٻڌايو ته واقعو جامع مسجد مان پکا ۽ ٻيو سامان چوري ڪرڻ کانپوءِ پيش آيو آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته معاملو مارڪيٽ ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيو آهي پر پوليس معاملي کي لڪائي جاچ ڪرڻ کان انڪاري بڻيل آهي.