خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ گيسٽرو جي مرض تي ضابطو اچي نه سگهيو آهي، 24 ڪلاڪن اندر خيرپور ۽ ڀرپاسي  وارن علائقن جا گيسٽرو ۾ مبتلا 20 ٻارڙا سٽي اسپتال خيرپور داخل ڪيا ويا آهن، اسپتال داخل ڪيل ٻارڙن ۾ نور زهريٰ، مسڪان، ذيشان، فرحانه، سڄڻ، نور محمد، بهاول، غلام مرتضيٰ، علي رضا، آزاد علي ۽ ٻيا شامل آهن. هڪ هفتي اندر گيسٽرو سبب سٽي اسپتال داخل ڪيل ٻارڙن جو انگ 165 کان وڌيڪ ٿي ويو آهي. هوڏانهن مسلسل گيسٽرو سبب وڏي انگ ۾ ٻارڙن کي اسپتال داخل ڪرڻ سبب اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ برقرار آهي.