ٺل (ن پ ا) ٺل جي بيراج ڪالوني ۾ گهر آڏو ويهڻ تان نوناري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو،  لٺيون ۽ لوهي  سيخون لڳڻ سبب واپڊا ٺل جو لائين سپرنٽينڊنٽ وقار نوناري ۽ زيبن نوناري سخت زخمي ٿي پيا، جن کي ٺل تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي حالت نازڪ هجڻ ڪري وقار نوناري کي لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو.وقار نوناري ٻڌايو ته اعجاز نوناري ۽ سندن ڀائرن مون مٿان حملو ڪيو آهي ٻئي پاسي الزام هيٺ آيل اعجاز نوناري ٻڌايو ته منهنجي گهر آڏو ماڻهو وٺي ويهندو هو منع ڪرڻ تي هن سان جهيڙو ٿيو آهي.