حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ڦرلٽ ۽ چوريون جون وارداتون رڪجي نه سگهيون آهن. ڦليلي ٿاڻي جي حد ۾ نامعلوم ڦورو واپاري کان مبينا طور پرائيز بانڊ سميت 30 لک رپيا ڦري فرار ٿي ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته ٽنڊو يوسف جي گجراتي پاڙي جو واپاري محمد معين شيخ نينگر سان گڏ پئسا کڻي موٽرسائيڪل تي سوار ٿي ڦليلي ٿاڻي جي حد مڇي مارڪيٽ جي سامهون برف جي ڪارخاني وٽ پهتو ته موٽرسائيڪل تي سوار 2 هٿياربند کيس ڦري آيا ۽ کانئس مبينا طور پئسا ۽ پرائيز بانڊ ڦر ڪيا ويا، ان حوالي سان واپاري جو چوڻ آهي ته هو گهر کان پنهنجي ڇوٽڪي گهٽي واري دڪان طرف وڃي رهيو هو ته ڦورن کانئس ڦرلٽ ڪئي، اهڙو ڪيس ڦليلي ٿاڻي تي داخل نه ٿيو آهي. ڦليلي ٿاڻي جي ايس ايڇ او نياز پنهور جو چوڻ آهي ته واردات مشڪوڪ آهي. متاثر شخص کين ٻڌايو آهي ته هو 15 هزار ۽ ساڍا 7 هزار رپين جا پرائيز بانڊ کڻي وڃي رهيو هو، جيڪي ڪيترو ئي عرصو اڳ بند ٿي چڪا آهن. آچر جي ڏينهن پرائيز بانڊ کڻي وڃڻ جو به ڪو جواز نه پيو ڄاڻايو وڃي، جڏهن ته رقم بابت به متاثر شخص ڪو حتمي انگ اکر نه ڏئي رهيو آهي. ابتدائي طور متاثر شخص ٻڌايو هو ته ڦورن کي ماسڪ پاتل هئا پر جڏهن سي سي ٽي وي فٽيج هٿ ڪيا ويا ته انهن ۾ ڦر ڪندڙ ماڻهن کي ماسڪ پاتل نه هئا. هوڏانهن حسين آباد ٿاڻي جي حد ۾ نامعلوم چور آٽو ڀان روڊ وٽان هڪ مال سامهون حيسڪو جي ايس ڊي او محمد جمن جي بيٺل ڪار چوري ڪري فرار ٿي ويا آهن، شهر ۾ روزانو جي بنياد تي ڦر ۽ چوري جون وارداتون ٿي رهيون آهن پر پوليس انهن واقعن کي روڪڻ ۾ اڃا تائين ڪامياب نه ٿي سگهي آهي.