خيرپور (رپورٽر) خيرپور مان نوجوان ٽن ڏينهن کان پراسرار نموني گم، وارث پريشان. خبر موجب خيرپور شهر جي عابد شاهه ڪالوني مان نوجوان عبدالوهاب سومرو پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان بازار وڃڻ جو چئي گهران نڪتو ته واپس ناهي آيو، هنن چيو ته نوجوان جي مٽن مائٽن توڙي مختلف هنڌن تي ڳولا ڪئي آهي پر ڪٿي به ڏس پتو پئجي ناهي سگهيو. هنن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوجوان جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.