حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ مختلف ڌرين پاران پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪري تدارڪ جو مطالبو ڪيو ويو. ڄامشورو واسڻ وزيران زال دين محمد عمراڻي پنهنجي معصوم ٻارن سميت مڙس دين محمد ۽ پٽ گلبهار جي پراسرار گمشدگي خلاف احتجاج ڪيو. هن چيو ته 3 ڏينهن اڳ سبزي مارڪيٽ ۾ پورهئي لاءِ وڃڻ دوران سندس مڙس ۽ پٽ پراسرار نموني گم ٿي ويا آهن جيڪي اڃا تائين واپس ناهن موٽيا. سندن گمشدگي بعد انهن ڄامشورو ۽ حيدرآباد جي ٿاڻن تان به معلومات ورتي آهي پر ڪٿي به سندن ڪو ڏس پتو ناهي ملي سگهيو ڄامشورو ڦاٽڪ جي رهواسڻ سائره عمراڻي پنهنجي گهرڀاتين سميت پوليس پاران مڙس کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاج ڪندي دانهيو ته هڪ ڏينهن اڳ رات جو سندس مڙس عبدالجبار عمراڻي گهران ٻاهر نڪتو جيڪو اڃا تائين واپس ناهي موٽيو. ڄامشورو پوليس مڙس جي گرفتاري جي تصديق ڪئي پر هاڻي مڃڻ لاءِ تيار نه آهي. کيس خدشو آهي ته مڙس کي پوليس هاف فراءِ ڪرڻ بعد سندس گرفتاري ڪوڙي مقابلي ۾ ظاهر ڪندي.  ڀٽ شاهه جي لطيف ڪالوني جي رهواسي پرشوتم مهراج پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو ته علائقي جي بااثر احسن شاهه ۽ عطا شاهاڻي کيس هٿيارن جي زور تي اغوا ڪرائي خالي دستاويز تي دڪان ۽ پلاٽ جي وڪري بابت زبردستي لکت ورتي ۽ هاڻي ان تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش پيا ڪن. دادو جي ڳوٺ تاجپور جي رهواسڻ وزيران ۽ مسمات سهڻي پنهنجي گهرڀاتين سان گڏ پوليس پاران ٻن ڄڻن نظير لغاري ۽ گل محمد لغاري کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو. هن چيو ته 14 آڪٽوبر 2022ع تي پوليس اهلڪار شادي خان پنهور ۽ مختيار گوپانگ پراڻي تڪرار تان انتقامي ڪارروائي ڪندي سندن گهر ۾ داخل ٿيا ۽ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ بعد ٻنهي ڄڻن کي گرفتار ڪيو ۽ گهر ۾ بيٺل 25 ٻڪريون ڪاهي ويا جڏهن ته ڪارروائي دوران پوليس گهر ۾ پيل سونا زيور، روڪ رقم ۽ 5 موٽرسائيڪلون به کڻي وئي وئي آهي. هنن چيو ته پوليس اٽالن وومين پوليس جي انسپيڪٽر بينظير جمالي جي چرچ تي ڪارروائي ڪئي آهي جنهن خلاف آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺندي بيگناهه کنڀي گم ڪيلن کي آزاد ڪرڻ سان کين گهران کنيل سامان، ٻڪريون ۽ موٽرسائيڪلون واپس ڪرائي. مظاهرين لاڳاپيل اختيارن کان مطالبو ڪيو ته سندن معاملن جو نوٽيس وٺي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.