ميھڙ(ن پ ا) ميھڙ شھر ۽ ان جي آس پاس ڪتن ۾ عجيب قسم جي بيماري پکڙجي وئي آھي شھر جي مختلف ڪالونين گھٽين دڪانن ۽ گھرن ۾ بيمار ڪتن سبب شھري سخت پريشانين کي منھن ڏيڻ لڳا آهن. بيمار ۽ زخمي ڪتن جي آزار سبب ڪلاٿ مرچنٽ ايسوسيئيشن جي صدر ۽ شھري اڳواڻ عبدالخالق شيخ سميت ٻين شھرين سي ايم او ميھڙ کي لکت ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آھي، جنهن ۾ ڪتن جو علاج ڪرائڻ يا ڪتا مار مهم هلائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي پر ان باوجود به سي ايم او ميھڙ بابر مگسي ۽ ميونسپل انتظاميه ڪو تحرڪ ناهي ورتو جڏھن ته زخمي ۽ بيمار ڪتن سبب ڪيترن ئي بيمارين جنم ورتو آھي شھرين ڊي سي دادو کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي شھر مان بيمار ۽ زخمي ڪتن جي خاتمي جي گھر ڪئي آھي.