ڪنب (ن پ ا) ڪنب لڳ ڳوٺ جمال خان چانڊيو ۾ 6 گهرن کي پراسرار نموني باهه لڳي وئي، الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو. خبر موجب ڪنب لڳ ڳوٺ جمال خان چانڊيو ۾ پراسرار نموني باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ عباس علي، قائم خان، ديدار علي، انورعلي، حسين بخش ۽جلال الدين چانڊيو جي گهرن ۾ پيل هنڌ بسترا، اناج، ڪپڙا ۽ ٻيو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو. متاثرن جو ان حوالي سان چوڻ هو ته باهه لڳڻ جو اطلاع فائر بريگيڊ عملي کي ڏنو ويو پر اطلاع باوجود فائربرگيڊ عملو نه پهتو. ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت وڏي ڪوشش بعد باهه تي ڪنٽرول ڪري وڌيڪ گهرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو. باهه متاثرن جي هن وقت تائين ڪنهن به سار ناهي لڌي. ھنن چونڊيل نمائندن، ڊي سي خيرپور  ۽ اي سي ڪوٽڏيجي کان مطالبو ڪيو ته سندن مالي مدد ڪئي وڃي.