نئون ڳوٺ (ن پ ا) نئون ڳوٺ ۾ بيسڪ ھيلٿ نئون ڳوٺ ۾ ڊاڪٽر ۽ عملي سميت دوائن جي کوٽ سبب اسپتال پرائيويٽ پٽيوالو ھلائڻ لڳو آهي. ان ڏس ۾ ڳوٺ ڀلي رکيو ماڇي کان آيل ارم سولنگي پنھنجا ٻه معصوم بيمار ٻار 13 ورھين جو حمضو 11 ورھين جو فضل پٽ سوڍل سولنگي علاج لاء اسپتال کڻي پھتي پر اسپتال ۾ تڙپندا رھيا انھن کي ڪو ڏسڻ لاء تيار نه ھو. ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي ھن چيو ته ٻوڏ کان پوء ڳوٺ ۾ بيمارين منھن ڪڍيو آھي غربت سبب پرائيويٽ اسپتال ۾ اعلاج ڪرائي نه ٿا سگھون سموري ڳوٺ ۾ تيز بخار آھي اسان جا ٻہ ٻار فوت ٿي ويا آھن بعد مريضن کي وارث بنا اعلاج جي راڌڻ اسپتال کڻي ويا جڏھن ته ميڊيا کي اسپتال ۾ ڏسي اتي موجود اسٽاف ڳالھائڻ کان انڪار ڪندي چيو اسان ڪرونا وائرس جا ويڪسينيٽر آھيون ھتي حاضري ڀرائي واپس وينداسين اھي اسپتال ڇڏي ڀڄي ويا، جيئن ته اسپتال ۾ روزانو 250 جي او پي ڊي هلي ٿي، جن کي بنا علاج جي واپس تعلقي اسپتال ميھڙ رفر ڪيو ٿو وڃي، علائقي واسين نوٽيس وٺڻ جي گھر ڪندي اسپتال ۾ مقرر عملي ۽ اسٽاف خلاف ڪاروائي جي گھر ڪئي آھي.