حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ پوليس موبائيلون به ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ جو ذريعو بڻجي ويون آهن، سوشل ميڊيا تي هڪ اهڙي وڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ هڪ نوجوان پوليس موبائيل جي مٿان ويهي ٽڪ ٽاڪ ٺاهي رهيو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته اها موبائيل بلديا ٿاڻي جي آهي، جنهن تي هڪ نوجوان ويهي آرام سان ٽڪ ٽاڪ ٺاهي ۽ اهڙي تصوير کي سوشل ميڊيا تي به وائرل ڪري ڇڏيو. سوشل ميڊيا تي ڪمنٽس اچڻ کانپوءِ حيدرآباد جي ايس ايس پي حيدرآباد عبدالسلام شيخ نوٽيس ورتو ۽ فوري طور بلديا ٿاڻي جي پوليس موبائيل جي ڊرائيور عاشق علي کي معطل ڪري ڇڏيو. ايس ايس پي اهڙي معاملي جي جاچ جو حڪم پڻ ڏنو آهي. اهڙي پڌرائي خود فوٽو سميت ايس ايس پي پي آر او به پنهنجي واٽس ايپ گروپ ۾ رکي آهي.