ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پوليس جي ڪارروائي، ٽي ٽي پي جي ٽن دهشتگردن سميت 4 گرفتار، ڪياماڙي پوليس سائيٽ ايريا ۾ ڪارروائي ڪري ڪالعدم قرار ڏنل تحريڪ طالبان پاڪستان جا 3 دهشتگرد عجب خان، گل نياز ۽ شاهه رخ گرفتار ڪري ورتا، گرفتار جوابدارن دهشتگرد ڪاررواين لاءِ 2020 ع ۾ نيٽ ورڪ ٺاهيو هو. پوليس موجب جوابدار عجب خان جو ڀاءُ ۽ پيءُ به ڪالعدم تنظيم جا ڪارندا رهيا آهن، گل نياز 2015ع ۾ جيش محمد ۾ شموليت اختيار ڪئي، انهي لاءِ چندو پڻ گڏ ڪندو رهيو، 2020ع ۾ هن ٽي ٽي پي ۾ شموليت اختيار ڪئي، هو نوجوانن کي برين واش ڪري ٽي ٽي پي لاءِ تيار ڪندو رهيو. ايس ايس پي فدا حسين جانوري موجب جوابدار شاهه رخ به 2020 ۾ جيش محمد ۾ شموليت اختيار ڪئي. پوليس موجب منگهو پير واري علائقي ۾ ڪارروائي دوران گرفتار ڪيل ٽارگيٽ ڪلر وليد عرف چڪني جو تعلق لياري گينگ وار جي شيراز گروپ سان آهي، جوابدار جي قبضي مان ايس ايم جي رائفل ۽ 5 بال بم مليا آهن، کانئس وڌيڪ جاچ جاري آهي.