شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور پوليس پابندي مڙھيل تنظيم داعش جي ٽن دھشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ايس ايس پي جو چوڻ آهي آهي ته ٽنھي دھشتگردن کي سلطان ڪوٽ واري علائقي مان گرفتار ڪيو ويو، گرفتار دھشتگرد خانپور ۽ نيپئر آباد ۾ ٿيل خود ڪش بم ڌماڪن جا سھولتڪار آھن. خبر موجب ايس ايس پي شڪارپور ڪامران نواز پنجوٿا هتي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پوليس سلطان ڪوٽ واري علائقي چوئي شاخ ڀر سان ڪارروائي ڪري پابندي مڙھيل تنظيم داعش جي ٽن خطرناڪ دھشتگردن کي گرفتار ڪيو آهي. ايس ايس پي موجب پوليس وفاقي ڳجهن ادارن جي مدد سان خطرناڪ دهشتگردن خالد محمود پندراڻي عرف امير حمزا، صديق بروھي ۽ عثمان بروھي کي گرفتار ڪيو، هن ٻڌايو ته گرفتار دهشتگردن وٽان بم ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندڙ ٻه پريشر ڪوڪر، ٻه دستي بم ۽ ٽي پسٽل هٿ ڪيا ويا آهن. ايس ايس پي ٻڌايو ته گرفتار ڪيل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم داعش سان آهي جيڪي سنڌ جي مختلف هنڌن تي ڪيل دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث رهيا آهن، ايس ايس پي موجب خالد محمود پندراڻي عرف امير حمزا 2 سال اڳ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل داعش سنڌ جي نائب امير حفيظ پندراڻي جو ڀاءُ آهي، جڏهن ته صديق بروهي ۽ عثمان بروهي پڻ ٻه سال اڳ بلوچستان جي علائقي ڍاڍر ۾ مارجي ويل عبدا لله بروهي جا ڀائر آهن، دهشتگرد 2015ع ۾ شڪار پور ۾ ڪربلا امام بارگاهه واقعي، حاجن شاه ماڙي واري تي بم حملي، فيضو ويجهو نپيئرآباد ۾ مجلس تي بم حملي، جيڪب آباد بم حملن، ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي مٿان بم حملي ۽ 2016ع ۾ خانپور جي عيد گاه ۾ عيد نماز دوران خودڪش بم حملن ۾ سهولتڪار ۽ بم حملو ڪندڙ دهشتگردن جي تربيت ڪندڙ آهن. ايس ايس پي موجب دهشتگرد سنڌ ۾ درگاهن ۽ امام بارگاهن ۾ دهشتگرد ڪارروائيون ڪري بلوچستان ۽ افغانستان فرار ٿي ويندا هئا، ايس ايس پي ٻڌايو ته گرفتار ڪيل دهشتگردن جا ساٿي افغانستان ۽ بلوچستان جي علائقن ۾ لڪل آهن جن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو.