ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات جو وسڪارو، بجلي جو نظام ڊانوانڊول ٿي ويو، وڳڻ روڊ تي کنوڻ ڪرڻ سبب ڀاءُ فوت ٿي ويو سندس ڀيڻ زخمي ٿي پئي. ان سلسلي ۾ قمبر ۽ ڀرپاسي تيز هوا سان گڏ برسات پئي جڏهن ته وڳڻ روڊ تي برسات دوران کنوڻ ڪرڻ سبب ٻرڙا ڪالوني جو رهواسي 40 سالن جو هوت خان ٽوٽاڻي ۽ سندس ڀيڻ مختيار زادي زخمي ٿي پيا، جن کي قمبر اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن ھوت خان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، هوڏانهن ڏوڪري ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز ھوا سان گڏ ھلڪي برسات پئي، جنهن ڪري بجلي جو نظام ڊانوانڊول ٿي ويو. ٻئي طرف سجاول جوڻيجو ۽آس پاس وارن علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ برسات پئي، هوڏانهن قبوسعيدخان ۽ ڀرپاسي وارن علائقن۾ تيز هوا سان گڏ هلڪي برسات پئي ٻئي طرف نواب ولي محمد ۽ ڀرپاسي تيز هوا سان برسات ، موسم خوشگوار ٿي وئي، بجلي علائقي مان غائب رهي. هوڏانهن قاضي احمد ۽ ڀرپاسي ڳوٺن سليمان کيڙو، خان محمد ڪاڪيپوٽو، عارب ملاح، لالو ڪوٽ، حبيب الله ماڇي، بچو راهو سميت ٻين هنڌن تي تيز برسات پوڻ سبب ھيٺاهين وارا علائقا برساتي پاڻي هيٺ اچي ويا. بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو.