ميرپورخاص (رپورٽر) ميرپورخاص جي ڍولڻ آباد واري علائقي ۾ پورھيت ذاڪر آرائين جا ٽي ٻارڙا عبدالھادي، اقصي’ ۽ زنيدا فاطما زهريلي شيءِ کائڻ سبب فوت ٿي ويا هئا، جن جي موت جو اصل ڪارڻ سامھون اچي نه سگهيو. صوبائي وزير ھري رام ڪشوري لال متاثر خاندان وٽ پھچي تعزيت ۽ ڏک جو اظهار ڪيو. صوبائي وزير متاثر خاندان جي شڪايتن تي نوٽيس وٺندي ڊي سي سميت ايس ايس پي ۽ ڊي ايچ او کي جلد رپورٽ مڪمل ڪري ڏيڻ جي ھدايت ڪئي. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ نواب خاصخيلي سميت ٻيا اڳواڻ موجود ھئا، ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي معصوم ٻارن جي مامي عمر فاروق پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته اسان جي معصوم ٻارن جو سول اسپتال ميرپورخاص ۾ بھتر علاج نه ٿيو، نا اھل عملي اسان کي معصوم ھاڻ ٺيڪ آھن جو چئي گھر اماڻي ڇڏيو معصومن جي موت جا ذميوار سول اسپتال جي ڊاڪٽرن سميت ھڪ نجي اسپتال جو عملو آھي جن اسان کي ھڪ معصوم نياڻي جي حياتي وڃائڻ بعد سھولتن جي اڻھود جو چئو حيدرآباد ھڪ نجي اسپتال منتقل ڪيو جتي وقت گھٽ ھئڻ ڪري معصوم ڀيڻ ڀاءُ فوت ٿي ويا، نا اھل عملي سميت ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.