حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) احتساب عدالت نيب ترميم بعد قاسم آباد ۾ فلاحي ڪمن لاءِ مختص 5 ايڪڙ سرڪاري زمين جا کاتا تبديل ڪرڻ خلاف داخل ريفرنس واپس نيب ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي. 2020ع دوران نيب اڳوڻي مختيارڪار علي ذوالفقار، سپروائيزنگ تپيدار امتياز سولنگي سميت 10 ڄڻن خلاف فلاحي زمين جا کاتا تبديل ڪري رهائشي منصوبو شروع ڪرڻ تي ريفرنس داخل ڪيو هو. نيب ريفرنس ۾ ڄاڻايو ته جوابدارن زمين جا کاتا تبديل ڪري سرڪاري خزاني کي 11 ڪروڙ رپين جو نقصان رسايو آهي. ريفرنس داخل ٿيڻ بعد جوابدارن هاءِ ڪورٽ مان حفاظتي ضمانت حاصل ڪري احتساب عدالت ۾ پيش ٿي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڪرائي هئي. جوابدارن وڪيل عشرت علي لوهر ۽ ٻين معرفت درخواست داخل ڪرائيندي ڄاڻايو ته نيب ترميم بعد ڄاڻايل ريفرنس احتساب عدالت نه ٿي هلائي سگهي ان ڪري ريفرنس واپس نيب ڏانهن اماڻيو وڃي. سرڪاري وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته نئين ترميم بعد احتساب عدالت ۾ هاڻي 50 ڪروڙ رپين کان گهٽ ڪرپشن وارا ڪيس نٿا هلي سگهن ان لاءِ کيس ريفرنس جي واپس منتقلي تي ڪو به اعتراض نه آهي. احتساب عدالت نمبر 3 جي جج ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ريفرنس واپس نيب کي موڪلڻ جو حڪم ڏنو.