حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ مارچ جي 7 مارچ تي حيدرآباد پهچڻ جي موقعي تي استقبال لاءِ جاڳرتا واسطي نسيم نگر چوڪ تي جاڳرتا ڪئمپ قائم ڪري ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي جيئي سنڌ قومي محاذ جو اڳوڻو سينيئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سنڌ صوفي فورم جي ڪنوينر ڊاڪٽر بدر چنا، سنڌ صوفي فورم جي اڳواڻ قمر الزمان راجپر، سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي ڊويزنل سيڪريٽري منور خاصخيلي ۽ ٻين ڪئي. ريلي نسيم نگر کان شروع ٿي. ريلي ۾ شامل ماڻهن مختلف دڪاندارن کي سنڌ مارچ جي آجيان لاءِ دعوت ناما ڏنا ۽ پمفليٽ به ورهايا ويا. ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته پيپلزپارٽي حڪومت گذريل 15 سالن کان سنڌ ۾ ڪرپشن ڪري وسيلا تباهه ڪري ڇڏيا آهن. هنن چيو ته 15 فيبروري تي سکر مان نڪتل سنڌ مارچ سيد زين العابدين شاھ جي قيادت ۾ 7 مارچ تي حيدرآباد پھچندو جتي مارچ جو ڀرپور استقبال ڪيو ويندو. مارچ ۾ عورتون به شريڪ ٿينديون. هنن حيدرآباد جي عوام کي اپيل ڪئي ته هو 7 مارچ تي حيدرآباد پهچندڙ سنڌ مارچ ۾ ڀرپور نموني سان شرڪت ڪن.