مٽياري (رپورٽر ) وڌندڙ مھانگائي، بدامني، وقت کان اڳ ڊجيٽل آدمشماري خلاف ايس يو پي جو نڪتل سنڌ مارچ 450 ڪلو ميٽرن جو مفاصلو طئي ڪرڻ بعد مٽياري ڀرسان سيکاٽ پهچي ويو، قافلو رات سيکاٽ ۾ ترسڻ بعد صبح سوير مٽياري شهر ايندو، سيکاٽ ۾ حاجي گلزار سمون محمد فيض سمون ۽ سونو ملاح طرفان استقبال ڪيو ويو، قافلي جي اڳواڻي روشن ٻرڙو، سيد منير حيدر شاهه، جگديش آھوجو، امير آزاد ۽ ٻيا ڪري رهيا آهن. سنڌ مارچ جو گلن جو وک وک تي شاندار استقبال ڪيو ويو گلن جي ورکا ڪئي وئي، اڳواڻن کي ڪري اجرڪون اوڍايو ويون، ايس يو پي اڳواڻ روشن ٻرڙو سھيل قريشي، امير آزاد، انور ٻرڙو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته حڪمران سنڌي قوم کي ماني ڳڀي لاءِ به پريشان ڪري ڇڏيو آھي، مھانگائي سبب بدامني وڌي ويئي آھي پر حڪمران پنھنجي ھڪ ھٽي تي قائم آھن ٻئي طرف ڊجيٽل آدمشماري ڪرائي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪري پنھنجا مفاد حاصل ڪرائڻ چاھين ٿا. اڳواڻن چيو ته سنڌ اندر بدامني عروج تي پھچي وئي آھي جنھن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. اڳواڻن چيو ته پوري سنڌ جو غيرت مند عوام 19 مارچ تي ڪراچي پھچي حڪمرانن خلاف احتجاج ۾ شرڪت ڪري پنھنجي سنڌي ھئڻ جو ثبوت ڏيندا.  جي يو آءِ جي اڳواڻ راشد محمود سومرو سنڌ مارچ ۾ خصوصي طور شرڪت ڪئي، راشد محمود سومرو چيو ته سيد زين شاهه جيڪو سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿاريو آھي ان سلسلي ۾ ھلندي ھلندي سندس طبعت ناساز آھي ان لاءِ دعاگو آھيون ۽ يقينن سيد زين شاھ جي جدوجھد ضرور رنگ لاهيندي.