سجاول جوڻيجو (ن پ ا ) سنڌ ۾ ڊجيٽل آدمشماري صحيح نموني ٿيڻ کپي، سنڌ ۾ رھندڙ سڀئي ماڻهوَ آدمشماري ۾ سنڌي لکرائن، بجيٽ ۾ خسارو ھئڻ سبب ٻوڏ متاثرن ۽ بي گھر ماڻهن کي رليف ملي نه سگهيو.اھڙو اظهار پ پ ايم پي اي نادر مگسي ڳوٺ سونھارو ڀٽي ۾ يوسي وائيس چيئرمين شاھنواز ڀٽي سان چاچي ۽ محمد يوسف سان ڀاءُ جي  وفات تي تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪيو.نادر مگسي جو چوڻ هو ته بلوچ، بروھي، مگسي، کوسو سميت سنڌ ۾ رھندڙ سنڌي لکرائن، آدمشماري ڪندڙ عملي جا سمورا مسئلا به حل ڪيا ويندا.ڳوٺاڻي عرس ڀٽي نادرخان مگسي کي چيو بجلي ھڻائي ڏيو، نادر مگسي چيو سجاول جوڻيجو لاءِ گرڊ اسٽيشن الڳ منظور ڪرايو آهي.پ پ ايم پي اي نادر مگسي يوسي وائيس چيئرمين شاھنواز ڀٽي کي ڳوٺاڻن جا جيترا به مسئلا آهن، لکت ۾ مون کي ڏيو، حل ڪرائيندس.