حيدرآباد (بيورو رپورٽ)  مٽياري جي ڳوٺ ميمڻ جي وسي سان تعلق رکندڙ عورتن حور مجيداڻو، بيبل مجيداڻو ۽ ٻين پريس ڪلب پهچي پوليس جي ناانصافين خلاف احتجاج ڪيو. ان موقعي تي متاثر عورتن مان حور مجيداڻو ٻڌايو ته هو پنهنجي پٽ منور مجيداڻي ۽ ڀائٽي سلطان سان گڏجي اڳ ۾ گرفتار ڀائٽي جبار مجيداڻي سان ملاقات لاءِ سيشن ڪورٽ ۾ آيا ۽ گرفتار ڀائٽي سان ملاقات کانپوءِ جيئن ئي عدالت کان ٻاهر نڪتا ته مک دروازي وٽ پوليس وردي پهريل ۽ سادن ڪپڙن ۾ ملبوس اهلڪارن سندس پٽ ۽ ڀائٽي کي تحويل ۾ وٺي گاڏين ۾ ويهاريو ۽ پاڻ سان گڏ کڻي ويا آهن. هنن چيو ته ٻنهي نوجوانن کي سي آءِ اي پوليس هٽڙي ٿاڻي جي پوليس سان گڏجي کنڀي وئي آهي. کين خدشو آهي ته پوليس نوجوانن کي فل يا هاف فراءِ نه ڪري ڇڏي ڇاڪاڻ ته 9 مهينا اڳ به ڀائٽي جبار مجيداڻي کي مٽياري مان پوليس گرفتار ڪيو پر بعد ۾ سندس گرفتاري هٽڙي ٿاڻي تان چرس ڪيس ۾ ظاهر ڪئي وئي هئي جنهن ڪري هو اڃا تائين بيگناهه قيد ۾ آهي. متاثر عورتن چيو ته سندن نوجوان پورهيو ڪري گذر سفر ڪن ٿا، ان کان اڳ مٿن ڪنهن به ٿاڻي ڪو ڪيس داخل ناهي ٿيل ان لاءِ ڊي آءِ جي پير محمد شاهه معاملي جو نوٽيس وٺي ته جيئن پوليس سندن بيگناهه کنڀيل ٻئي نوجوانن کي آزاد ڪري ٻي صورت ۾ هو ڊي آءِ جي آفيس آڏو احتجاج ڪندا.