قمبر (رپورٽر) قمبر ۾ پ پ طرفان مڪاني چونڊن ۾ ميئر، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي چونڊ ۾ اليڪشن ڪميشن طرفان دير ڪرڻ خلاف ضلعي صدر قمرالدين گوپانگ ۽ غلام محمد اسراڻ جي اڳواڻي ۾ پارٽي آفيس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته مڪاني چونڊن کي هڪ سال گذري ويو آھي پر هن وقت تائين چونڊجي آيل ميمبرن کي حلف ناهي کڻايو ويو ۽ نه ئي ميئر، چيئرمن ۽ وائيس چيئرمين جي چونڊ لاءِ اليڪشن ڪميشن طرفان هن وقت تائين شيڊول جاري ڪيو ويو آھي، هنن چيو ته چونڊن ۾ دير ڪرڻ ناانصافي آھي، هنن مطالبو ڪيو ته جلد چونڊ شيڊول جاري ڪري مسئلو حل ڪيو وڃي.