خيرپور (رپورٽر) پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي ناحق قتل خلاف گذريل ڏينهن خيرپور ۾ سماجي تنظيم ۽ سول سوسائٽي پاران شوڪت نوناري، مختيار ملڪ، صنم راڄپر، شائسته کوسو، زويا ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب کان مريم توب چوڪ تائين ريلي ڪڍي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. ان موقعي تي ريليءَ کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جو قتل سنڌ جي شعور جو قتل آهي. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته 40 ڏينهن گذرڻ باوجود شهيد اجمل ساوند جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ حڪومت ۽ پوليس جي ڪارڪردگي سواليه نشان بڻيل آهي. هنن چيف جسٽس آف پاڪستان سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته شهيد اجمل ساوند جي قاتلن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ شهيد جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.