حيدرآباد: غريب آباد واري علائقي ۾ گئس ليڪ ٿيڻ سبب گھر کي باھ، 5 ڄڻا فوت

0
181
حيدرآباد: غريب آباد واري علائقي

حيدرآباد: غريب آباد واري علائقي ۾ گئس ليڪ ٿيڻ سبب گهر کي باهه لڳي وئي، فوتين جو انگ پنج ٿي ويو آھي

گهر کي باهه لڳڻ سبب سڙي زخمين ٿيلن مان وڌيڪ 4 گهرڀاتي فوت ٿي ويا، فوتين جو انگ 5 ٿي ويو

گذريل ڏينهن پئرا ميڊيڪل  ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري روي  تنبولي جي گهر ۾ باهه ڀڙڪي پئي هئي

پئرا ميڊيڪل اڳواڻ روي  تنبولي جي والدين ۽ ڀيڻ سميت 4 ڄڻا  اڄ فوت ٿيا ۽ هڪ عورت رات دم ڏنو

فوتين ۾ رتن تنبولي، سندس زال ساوتري، سندن ڌيءَ ۽ معصوم  ڏوهٽي شامل، 8 زخمين جو علاج هلندڙ آھي، فوتي رتن تنبولي جي ننهن  اوشا گذريل رات دم ڏئي ڇڏيو هو

ان سلسلي ۾ فوتين جي وارثن موجب پنجن ئي فوتين جا مڙهه ڪراچي کان حيدرآباد منتقل ڪيا پيا وڃن، ھڪ ئي گھر جا پنج  ڄڻا فوت ٿيڻ بعد علائقي ۾ ڏک واري لھر آھي